سنڌ يونيورسٽيءَ جي ٽيم ٽيبل ٽينس زون ڪي جي فائنل مئچ ۾ مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽيءَ کي شڪست ڏيئي آل پاڪستان انٽر ورسٽي ٽيبل ٽينس (بوائز) چئمپين شپ 23-2022ع لاءِ ڪواليفاءِ ڪري
ڄامشورو(پ ر) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي ٽيبل ٽينس ٽيم مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو کي 0-3 رائونڊن جي سرسي تان فائنل ۾ شڪست ڏيئي آل پاڪستان انٽر ورسٽي ٽيبل ٽينس (بوائز) چئمپين شپ 23-2022ع لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي. ڄاڻايل ايونٽ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي سهڪار سان لياقت يونيورسٽي ڄامشورو ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ٽيم پنهنجي مخالف ٽيم کي ٻڙيءَ جي مقابلي ۾ 3 رائونڊن تان هارائي ڇڏيو. ٽورنامينٽ زون ڪي 23-2022ع ۾ مجموعي طور 7 يونيورسٽين سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو، لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز ڄامشورو، صوفي يونيورسٽي آف ماڊرن سائنسز ڀٽ شاهه، اسريٰ يونيورسٽي حيدرآباد، گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي حيدرآباد ۽ سکر آءِ بي اي يونيورسٽي جي ٽيمن حصو ورتو. زون ڪي 23-2022ع جي فائنل ۾ ڪاميابيءَ کان پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ٽيم آل پاڪستان انٽر ورسٽي ٽيبل ٽينس (بوائز) چئمپين شپ لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو آهي، جيڪا آزاد ڪشمير جي شهر ميرپور ۾ 3 نومبر تي منعقد ٿيندي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڊائريڪٽر اسپورٽس (بوائز) اجويد احمد ڀٽي موجب لياقت يونيورسٽيءَ ۾ ٿيل ايونٽ جي فائنل ۾ ڪاميابيءَ سان نوجوان رانديگرن جا حوصلا بلند ٿيا آهن، جنهن بعد هو مرڪزي ايونٽ ۾ به ٽرافي کٽي سنڌ يونيورسٽيءَ جو نالو روشن ڪندا. واضح رهي ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي ٽيم پاران فائنل ۾ فتح حاصل ڪرڻ بعد ٿيل تقريب ۾ ٽرافي رانديگرن حوالي ڪئي ويئي. ان موقعي تي ڊائريڪٽر اسپورٽس بوائز اجويد احمد ڀٽيءَ سان گڏ ڊائريڪٽر اسپورٽس (گرلز) مريم ڪيريو ۽ مهراڻ ۽ لمس يونيورسٽين سميت ٻين يونيورسٽين جا ڊائريڪٽر اسپورٽس موجود هئا. ٻئي طرف ٽيبل ٽينس ٽيم جي ڪاميابيءَ تي وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو ٽيم مئنيجمينٽ ۽ رانديگرن کي واڌايون ڏنيون آهن.